سهراب مگسي

سهراب مگسي: مهاتما گانڌيءَ جي جيل جو ساٿي محمد سهراب ولد ڌڻي بخش مگسي ويٺل ڳوٺ پريو خان مگسي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ سن 1893ع ۾ پيدا ٿيو، جتان 1931ع ڌاري لڏي ڳوٺ گل محمد مگسي، تعلقي داودءَ ۾ اچي ويٺو. پاڻ ناظره قرآن ڪريم، عربي ۽ فارسي مولانا محمد ابراهيم ڪلهوڙي وٽ پڙهيو ۽ گڏوگڏ پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ پرائمري تعليم سان گڏ ڪجهه فارسي پڻ پڙهيو. سندس تعليم ۽ رهائش جو خرچ سيٺ عبدالله هارون برداشت ڪندو هو. انگريزي پڙهڻ لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ۾ داخلا ورتائين، فارسي جي تعليم مولانا محمد صادق کڏي واري وٽ مڪمل ڪيائين. خلافت تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. جڏهن افغانستان ڏانهن هجرت شروع ٿي، ان ۾ سهراب مگسي شامل رهيو. هجرت دوران سکر ريلوي اسٽيشن تي کيس گرفتار ڪري، ڪراچيءَ آندو ويو، جتي مٿس ڪيس هلايو ويو، سزا ٻڌائي سابر متي جيل (انڊيا) موڪليو ويو جتي ساڳئي جيل ۾ مهاتما گانڌي، مولانا شوڪت علي ۽ مولانا محمد علي به ساڻس گڏ هئا. سندس انهن سان ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. سزا ڀوڳي جڏهن واپس وطن وريو ته نوڪري ڪيائين. سڀ کان پهرين هو لاڙڪاڻي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي هن ڪيترائي هم خيال شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ دادوءَ جو مشهور وڪيل صدر الدين جوڻيجو وڪيل به شامل هو. دادو ضلعي جي قيام ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي، جڏهن دادو ضلعي ڪراچيءَ کان ڌار ٿي ضلعي جي صورت اختيار ڪئي ته سهراب مگسي اُستادي پيشي کي خيرباد چئي اچي دادو لوڪلبورڊ ۾ اڪاؤنٽنٽ مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪري دادو ڊسٽرڪٽ بورڊ جو چيف آفيسر مقرر ٿيو. انگريزن جي زماني ۾ خانبهادر کهڙو سنڌ جو چيف منسٽر مقرر ٿيو. تڏهن محمد سهراب مگسيءَ کي هن لاڙڪاڻي ۾ چيف آفيسر مقرر ڪيو. چيف آفيسريءَ دوران هن دادو توڙي لاڙڪاڻي ۾ عوام جي ڀلائيءَ جا ڪيترائي ڪم سرانجام ڏنا. جهڙوڪ: اسپتالون، ويم گهر، نلڪا هڻائڻ، کوهه کوٽائڻ، رستا ٺهرائڻ، وڻڪاري ڪم، اسڪالرشپون ڏيڻ، نوڪريون ڏيڻ، ميلا ملاکڙا لڳرائڻ، رانديون ڪرائڻ وغيره.
سهراب مگسي جڏهن لاڙڪاڻي ۾ چيف آفيسر هو ته اتي ڪالرا جي بيماري پکڙجي هئي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ساٽو‘ به سڏيندا آهن. ان بيماريءَ سڄي سنڌ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو، جنهن ۾ ڪيترا ماڻهو روزانو مرندا هئا. هندو توڙي مسلمان پنهنجا گهر ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا هئا. ان دوران محمد سهراب مگسيءَ مسيحا بنجي ماڻهن جي خدمت ڪئي، ماڻهو گهر ۾ بيمار ماڻهن کي ڇڏي صحتمند ماڻهو جڏهن هليا ويندا هئا ته هو انهن کي سهارو ڏيندو هو. تيماداري ڪندو هو. ان جي علاج لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو مري ويندو هو ته ان جي دفن يا ڪفن جو بندوبست ڪندو هو. محمد سهراب مگسيءَ جي دوستيءَ جي حلقي ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي، قاضي فضل الله، جي. ايم سيد، عبدالمجيد جتوئي، سيد ڪوڙل شاهه، سيد جيوڻ شاهه، وڏيرو الهه بچايو ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترا شامل هئا. جڏهن ته سندس خلافت تحريڪ جي ساٿين ۾ دوارڪا پرشاد، مولانا مولاداد، جان محمد جوڻيجو، سيٺ عبدالله هارون، جمشيد نسروانجي ميهتا، محمد هاشم گذدر، مولانا تاج محمود امروٽي صاحب، الله بخش سومرو (شهيد)، محمد رمضان درزي ۽ ٻيا ڪيترا تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن شامل هئا.
محمد ايوب کهڙو سهراب مگسيءَ جو گهڻو خيال رکندو هو. جڏهن سهراب مگسي ’ٽي. بي‘ جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ته کيس لاڙڪاڻي مان بدلي ڪري مسٽر تاراچند جي جاءِ تي دادوءَ ۾ رکيو، جتي کهڙي صاحب جي چوڻ تي کيس بيماريءَ جي دوران گهر ويٺي پگهار ملندي رهي. محمد سهراب مگسيءَ پنهنجي عزيزن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ پيدا ٿيو. محمد سهراب مگسيءَ 1943ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سهراب مگسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو